اسلام آباد – 25 – ڊس??بر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي قائ??اع??م جي ٻڌايل رهنما اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائ??اع??م جي 144 هين يوم پيدائش جي موقعي تي ڪيو جيڪو 25 ڊس??بر تي نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته قائ??اع??م محمد علي جناح 20 هين صدي جو عظيم اڳواڻ ۽ مسلمان امت جي اتحاد جي علامت ??و، اسپيڪر چيو ته قائ??اع??م محمد علي جناح جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو تاريخ ۾ ان جو متوازي پيش ڪرڻ کان قاصر آهي، هن چيو ته قائ??اع??م جي اصولن اتحاد، ايمان ۽ تنظيم کي اختيار ڪري نه رڳو ملڪ کي درپيش مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا پر پن??نجي عملي زندگي کي به بهتر بڻائي سگهون ٿا، اسپيڪر مشهور مورخ اسٽينلي ولپرٽ جو حوالو ڏنو جنهن قائ??اع??م کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو هو ته دنيا ۾ اهڙا ماڻهو تمام گهٽ آهن جنهن تاريخ کي بدلايو آهي، انهن ماڻهن جو تعداد ان کان گهٽ آهي جنهن دنيا جي نقشي کي تبديل ڪيو هجي شايد ئي ڪنهن کي هڪ نظرياتي رياست بڻائڻ جو امتياز حاصل هجي،محمد علي جناح اهو واحد اڳواڻ آهي جنهن کي اهي ٽئي امتياز حاصل آهن.