اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 64 فوتگيون ٿيون جنهن مان 37 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ 1 هزار 910 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 64 ماڻهو ان و??ئرس سبب فوت ٿيا جن مان 58 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گ??رن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن ش??رن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 32 سيڪڙو، لاهور ۾ 34 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 40 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن ش??رن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، ملتان ۾ 36 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 36 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 23 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 821 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 11 هزار 164، پنجاب ۾ 15 هزار 341، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 255، اسلام آباد ۾ 5 هزار 773، بلوچستان ۾ 577، گلگت بلتستان ۾ 319، ??زا?? ڪشمير ۾ 392 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 94 هزار 578 ٿي چڪو آهي.گلگت بلتستان، ??زا?? ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 299 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 33 هزار 925 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 39 هزار 387 آهي جن مان ??زا?? ڪشمير ۾ 8 هزار 931، بلوچستان ۾ 18 هزار 788، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 906، اسلام آباد ۾ 41 هزار 76، خيبرپختونخواهه ۾ 66 هزار 198، پنجاب ۾ 1 لک 55 هزار 808 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 43 هزار 983 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 11 هزار 514 آهي جن مان سنڌ ۾ 3 هزار 957 فوتگيون، ??ڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 27 مريض اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گ??رن ۾ قرنطينه دوران ان و??ئرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 4 هزار 661 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 14 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 1 مريض گ??رن ۾ ان و??ئرس سبب فوت ٿيو، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 870 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 مريض اسپتالن ۾ ان و??ئرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 472 فوتگيون ٿيون، ??ڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض اسپتال ۾ ان و??ئرس سبب فوت ٿيا، بلوچستان ۾ 193 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، ??زا?? ڪشمير ۾ ان و??ئرس سبب 259 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان و??ئرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 78 لک 4 هزار 935 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 628 مريض علاج هيٺ آهن.