اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي پارلياماني ليڊر خالد مقبول صديقي قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي وزيراعظم کي مب??رڪ??اد ڏي??دي چيو آهي ته ا??ان کي هڪ مضبوط، ترقي يافته ۽ جمهوري پاڪستان گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته وزيراعظم تي ايوان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، توهان کي هن ايوان مان وقت سر اعتماد مليو آهي. هاڻي توهان جي ذميواري آهي ته توهان قوم کي اعتماد ۽ اعتبار ڏي??. توهان جي فيصلن ۾ اتحادين جي راءِ شامل هجڻ به ضروري آهي. اسان توهان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اسان رڳو وٺڻ وا??ا هٿ به نه آهيون اسان جو ڏيڻ وا??و هٿ به آهي. پاڪستان ٺاهڻ جو به ڪو مقصد هو اسان چاهيون ٿا ته اهو مقصد توهان جي هٿان پورو ٿئي.