اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتص??دي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويليو ايڊڊ انڊسٽري کي ڪاٽن ۽ سوٽي ڌاڳي جي بنا رنڊڪ فراهمي ممڪ?? بڻائڻ لاءِ سوٽي ڌاڳي جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي واپس وٺڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتص??دي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي، روينيو ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، نجڪاري واري وزير محمد ميان سومرو، بحري معاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي، توانائي وارو وفاقي وزير عمر ايوب خان، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير سيد فخر امام، روينيو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، بجلي بابت خاص مددگار تابش گوهر، وفاقي سيڪريٽرين، صوبائي حڪومتن جي نمائندن، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي ڪارروائي ۾ حصو ورتو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن پاران سرڪاري شعبي جي آر ايل اين جي جي بنياد تي هلندڙ پاور ??لانٽس قائداعظم ٿرمل پاور ??لانٽ، بلوڪي پاور ??لانٽ ۽ حويلي بهادر شاهه پاور ??لانٽ لاءِ پاور ??رچيز ايگريمينٽ ۽ گئس سپلائي ايگريمينٽ ۾ 66 سيڪڙو ٽيڪ آر پي ڪمٽمنٽ جي ڇوٽ بابت سمري پيش ڪئي وئي، انهن ترميمن جي نتيجي ۾ بجلي ۾ خريد ۽ وڪرو ڪندڙ ماهوار پيداواري منصوبو داخل ڪرڻ جا پابند هوندا، بجلي جو خريدار پنهنجي ضرورتن بابت معلومات داخل ڪرائڻ جو اهل هوندو پاور ??رچيز ايگريمينٽ تحت سسٽم آپريٽر ۽ آپريٽنگ ڪميٽي ان کي حتمي شڪل ڏيندي، گئس سپلائي ايگري مينٽ موجب ماهوار ڊليوري پلان کي پاور ??رچيز ايگريمنٽ جي ماهوار شيڊول س??ن جوڙيو ويو آهي، ماهوار پيداواري منصوبو(ايم پي پي) تي ايندڙ سال کان عملدرآمد ٿيندو. ڪميٽي ان بابت لاڳايل حصيدارن جي راءِ ٻڌڻ کانپوءِ سمري جي منظوري ڏني، ڪميٽي ماهوار پيداواري منصوبي کي ساراهيو ۽ چيو ته ان سان لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ بجلي ۽ گئس جي خريد ۽ فڪسڊ بدران حقيقي ضرورتن موجب خريداري ڪري سگهندا.