اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان احساس لنگرخانن ۽ ڪير ب??يو نه سمهي پروگرام ۾ سيلاني ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيندي پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران هر ممڪن سهولت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن اها خاطري سيلاني ٽرسٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪرائي جنهن اسلام آباد ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، سيلاني ٽرسٽ جي وفد ۾ بشير فاروق، افضل چمڊيا، منظر عالم، فر?? امين، عرفان واحد، سلمان اقبال، امتياز حسين ۽ يوسف لاکاڻي شامل هئا، ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر فر?? حبيب پڻ موجود هو. سيلاني ٽرسٽ ??زي??اعظم جي احساس ڪير ب??يو نه سمهي قدم جي ڀرپور آجيان ڪئي ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ان پروگرام جي دائري کي سگهه ڏيڻ جي آڇ ڪئي. ??زي??اعظم احساس لنگرخانن ۽ ڪير ب??يو نه سمهي پروگرام ۾ سيلاني ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران هر ممڪن سهولت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي.