بهاولپور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ڏکڻ پنجاب ??ي حوالي سان ڪنهن به قسم جو قدم کڻڻ کان اڳ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي ويندي، هن خطي ۾ زراعت جي اهميت جي ڏس ۾ پاڻي بابت سمورن مسئلن کي حل ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس جي مد ۾ رڪارڊ اوڳاڙيون گڏ ٿيون آه?? جيڪو عوام جو حڪومت تي اعتماد آه??، تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري حڪومت جي اولين ترجيح آه??. وزيراعظم بهاولپور ڊويزن ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ڏکڻ پنجاب ??يڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ تعمير تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ مقامي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، طارق بشير چيما، سيد فخر امام، خاص معاونين جمشيد اقبال چيما، ڊاڪٽر شهباز گل، ملڪ عامر ڊوگر، سينيٽر عون عباس بپي، پنجاب ??ي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، ناڻي واري صوبائي وزير هاشم جوان بخت، قومي اسيمبلي ميمبر ڪنول شوزب ۽ ٻين قومي ۽ صوبائي اسيمبيل ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بهاولپور ڊويزن جي مجموعي صورتحال جنهن ۾ معاشي، سماجي، تعليم، صحت، بنيادي ڍانچي ۽ خاص طور تي زراعت جي پيداوار تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه بهاولور ڊويزن ايراضي جي لحاظ کان پنجاب ??ي سڀ کان وڏي ڊويزن آه??، جنهن ۾ پسماندگي جي شرح پوري پنجاب ۾ ٻئي نمبر تي آه?? جنهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ٺوس حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آه??. ڏکڻ پنجاب پئڪيج ۾ سمورن ضلعن ۾ صحت، تعليم ۽ بنيادي ڍانچي جا منصوبا شامل آه??. جڏهن ته ان ڊويزن ۾ پنجاب ??ي 50 سيڪڙو ڪپهه جي پيداوار ٿئي ٿي جنهن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ منصوبابندي ڪئي وئي آه??. ان ڏس ۾ تحقيقي ادارا قائم ڪرڻ، سٺي ٻج جي فراهمي، آبادگارن جي مدد، جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ پاڻي جي مسئلن جو حل شامل آه??. صنعتن جي ترقي لاءِ صنعتي زونز ۾ ڪم جي رفتار کي وڌائڻ ۽ موجوده صنعتن ۾ ويليو ??يڊيشن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه چولستان ۽ بهاولپور جي ماسٽرن پلان تي تيزي سان ڪم جاري آه??، چولستان ۾ اسڪولن کي سولرائز ڪرڻ، اسپتالن جي تعمير ۽ بهاولپور کي سي پيڪ سان ڳنڍڻ جي لاءِ رستي جي منصوبي تي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ڏکڻ پنجاب ??ي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه رولز آف بزنس تي ڪم مڪمل ڪيو ويو آه?? جنهن جي جلد منظوري ورتي ويندي. 40 مان 15 صوبائي کاتن کي ڏکڻ پنجاب ۾ منتقل ڪيو ويو آه??، گذريل 6 مهينن کان ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سيڪريٽريٽ جا معاملا ڏسي رهيو آه??، ڏکڻ پنجاب ??ي ملتان ۽ بهاولپور ۾ عمارتن جي تعمير تي اڳڀرائي بابت پڻ اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ??ن کانسواءِ اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ??ه هلندڙ مالي سال بجيٽ ۾ ڏکڻ پنجاب ??ي لاءِ 189 ارب رپين جي رقم سان 2491 منصوبا شامل آه?? جن مان 91 سيڪڙو جي منظوري به ٿي چڪي آه??، سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو پيو وڃي جنهن جي حوالي سان حتمي ??يص??و جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ??ه ڏکڻ پنجاب ??ي حوالي سان ڪنهن به قسم جو قدم کڻڻ کان اڳ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ??ه پاڻي انسان جي بنيادي ضرورت آه?? ۽ هن خطي ۾ زراعت جي اهميت جي ڏس ۾ لاڳاپيل سمورن مسئلن کي حل ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس جي مد ۾ رڪارڊ اوڳاڙيون گڏ ٿيون آه?? جيڪو عوام جو حڪومت تي اعتماد ظاهر ڪري ٿو. تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري حڪومت جي اولين ترجيح آه??. ان موقعي تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن بهاولپور ڊويزن جي مختلف ضلعن ۾ عوام کي درپيش مسئلن ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون.