اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ جديد علم ۾ اعليٰ تعليم اهم حي??يت رکي ٿي، وفاقي حڪومت اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ جي حوالي سان جائزه اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، چوڌري فواد حسين ۽ شفقت محمود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، وزيراعظم جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت ٽاسڪ فورس جي چيئرمين ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، منصوبابندي ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي سيالڪوٽ انجنيئرنگ يونيورسٽي قائم ڪرڻ تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته ان 16.69 ارب رپين جي ماليت جي منصوبي جي لاءِ ايڪنڪ منظوري ڏئي ڇڏ?? آهي. اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته اٺين، نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جي نصاب ۾ سيرت النبي ﷺ جي تعليم شا??ل ڪئي پئي وڃي ۽ انهن ڪلاسن جي لاءِ نئون نصاب جلد جاري ڪيو ويندو. وزيراعطم چيو ته نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ جديد علم ۾ اعليٰ تعليم اهم حي??يت رکي ٿي تنهن ڪري حڪومت ان رخ تي ڀرپور ڌيان ڏئي ره?? آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي.