اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪامياب پاڪستان ??رو??رام جي افتتاح جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. وزيراعظم عمران خان اڄ سومر ڏينهن 4 آڪٽوبر 2021ع تي ڪامياب پاڪستان ??رو??رام جو افتتاح ڪندو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪامياب پاڪستان پنهنجي نوعيت جو منفرد ??رو??رام آهي جنهن تحت 37 لک خاندانن کي 14 سئو ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا. هن چيو ته ڪامياب پاڪستان ??رو??رام ملڪ ۾ غربت جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهو ??رو??رام معاشري جي محروم طبقن جون زندگيون بدلا??ڻ ۽ انهن کي مالي لحاظ کان بااختيار بڻ??ئڻ جي لاءِ جوڙيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته اهو ??رو??رام يقيني طور تي پاڪستان ۾ پنهنجي طرز جو پهريون ??رو??رام آهي جنهن تح?? مائيڪرو فنانس ادارن جي ذريعي بئنڪن ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪامياب پاڪستان ??رو??رام غريب ۽ ڪمزور طبقن جي حوالي سان رياست جي احساس جي ذميواري جي عملي تعبير آهي. هن چيو ته ڪامياب پاڪستان ??رو??رام جا 5 عنصر آهن. جن ۾ ڪامياب آبادگار جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض جي فراهمي کانسواءِ ڪاروبار جي لاءِ 5 لک تائين بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا. اهڙي طرح سستو گهر اسڪيم تحت پنهنجو گهر ٺاهڻ جي لاءِ آسان قسطن تي فنانسنگ جي سهولت حاصل ٿيندي جڏهن ته ??رو??رام تحت وفاقي حڪومت جي اسڪلڊ بيسڊ اسڪالرشپ اسڪيم ۽ صحت انصاف ڪارڊ کي پڻ ڪامياب پاڪستان ??رو??رام سان ڳنڍيو ويندو.