اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربا??يج??ن جي موقف جي حمايت جاري رکندو، آذربا??يج??ن سدائين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئ?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربا??يج??ن جي سفير جي رهائشگا??ه تي آزادي جي جنگ جي شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ منعقد تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان آذربا??يج??ن سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اهي لاڳاپا گڏيل تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي هڪجهڙاين تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مثالي تعاون گڏيل اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو، مشڪل جي هر گهڙي ۾ ٻئي ملڪ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. سينيٽ چيئرمين آذربا??يج??ن جي آزادي جي جنگ جي شهيدن کي خراج عقيدت ڪندي چيو ته آذري فوج آزادي جي جنگ ۾ ڪمال مهارت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پاڪستان نگورنور ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربا??يج??ن جي موقف جي حمايت جاري رکندو ۽ پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن تحت آذربا??يج??ن جي علائقائي سالميت جي حمايت ڪندو رهيو آهي، هن چيو ته آذربا??يج??ن سدائين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئ?? آهي، سينيٽ چيئرمين آرمينيا کان آزاد ڪرايل علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حمايت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ ٻين شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??رع??م آهيون، سمورن عالمي فورمن تي آذربا??يج??ن ۽ پاڪستان سدائين هڪٻئي جي موقف جي حمايت ڪئ?? ۽ مستقبل ۾ به اهو مثالي تعاون جاري رهندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي ڀائيچاري جي فضا ڏٺي وڃي ٿي، پاڪستان، آذربا??يج??ن ۽ ترڪي گڏيل حڪمت عملي جي ذريعي خطي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي آذربا??يج??ن جي حڪومت، پارليامينٽ، عوام ۽ سياسي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير به شرڪت ڪئ??.