اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان مسلم ليگ (ن) لاهور جي صدر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر پرويز ملڪ ??ي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ اف??وس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پرويز ملڪ ??ي لاڏاڻي جو ٻڌي انتهائي ڏک ٿيو، مرحوم ??نتهائي نفيس، ملڻو جلڻو ۽ محبت ڪندڙ شخص هو، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ??ي مغفرت فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.