تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو افغان عوام کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ معاونت ڪري، افغان عوام جي معاونت جي لاءِ منجمند اثاثا فوري طور تي بحال ڪيا وڃن. افغانستان جي حوالي سان پاڪستا?? ۽ ??يران هڪ پيج تي آهن. افغانستان ۾ امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، امن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي ملندي. تهران ۾ پنهنجي ايراني هم منصب سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستا?? ۽ ??يران جي موقف ۾ هڪ جهڙائي آهي، ان سلسلي ۾ ٻئي ملڪ هڪ پيج تي آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ايراني هم منصب سان ملاقات ۾ افغانستا?? ۽ ??لائقائي ص ورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻئي ملڪ علائقائي رابطن جي فروغ ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، اسان افغانستان ۾ ام?? ۽ ??ستحڪام ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. هن چيو ته افغانستان ۾ امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان جي عوام گذريل چار ڏهاڪن دوران جنگين مان تنگ اچي چڪو آهي ۽ افغان عوام خاص طور تي ام?? ۽ ??ستحڪام جي مستحق آهي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري افغانستان ۾ انساني بحر??ن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري. افغانستان ۾ امن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين کي فروغ ملندو. هن چيو ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ منجمند اثاثا فوري بحال ڪيا وڃن.