اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چ??ڌر?? فواد حسين چيو آهي ته بيوقوفاڻيون ڪهاڻيون ۽ سازشي ٿيوريز ٺاهڻ بدران اهو ٻڌايو وڃي ته ايون ف??لڊ اپارٽمينٽس جا پئسا ڪٿان آيا؟ مريم نواز جي اربين رپين جي جائيداد سامهون اچي چڪي آهي، ان جو جواب ڏ??ن. ??نهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انصار عباسي جي هڪ حيرت انگيز اسٽوري ??ظر مان گذري جنهن ۾ گلگت جو هڪ جج صاحب فرمائي ٿو ته جڏهن هو ثاقب نثار صاحب وٽ چانهه پيئڻ ويٺو ته جج صاحب فون تي هاءِ ڪورٽ جي جج کي چيو ته نواز شريف جي ضمانت اليڪشن کان اڳ ناهي وٺڻي، ڪهڙا ڪهڙا لطيفا هن ملڪ ۾ نواز شريف کي مظلوم ثابت ڪرائڻ جي مهم هلائي رهيا آهن. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته اندازو لڳايو ته ڪنهن جج وٽ چانهه پيئڻ وڃو ۽ هو فون ملائي ويٺل آهي ته توهان جي سامهون ئي اهڙيون هدايتون جاري ڪري ته ڪنهن جوابدار جي ضمانت وٺڻي آهي يا ناهي وٺڻي، جوابدار به ڪو عام ماڻهو نه ملڪ جو وزيراعظم. هن چيو ته بيوقوفاڻيون ڪهاڻيون ۽ سازشي ٿيوريز ٺاهڻ بدران اهو ٻڌايو ته نواز شريف جيڪي ايون ف??لڊ اپارٽمينٽس خريد ڪيا ۽ جيڪي بعد ۾ مريم نواز جي ملڪيت ۾ ڏنا ويا، انهن جا پئسا ڪٿان آيا؟ چ??ڌر?? فواد حسين چيو ته مريم نواز اهو چيو ته منهنجي لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪ?? جائيداد نه آهي، هاڻي اربين رپين جي جائيداد سامهون اچي چڪي اهي، ان جو جواب ڏيو.