اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان منافع خوري ۽ ذخيرو اندوزي ۾ ملوث عنصرن کي عوام دشمن قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ??ه اهڙن عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، مافياز سان گڏجي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن ۽ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، ملڪ ۾ ضروري شين جي ڪا به کوٽ نه آهي، هن اها ??ال??ه ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي ذخيري جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي دوران چئي. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته ربيع جي فصل لاءِ 6.6 ملين ميٽرڪ ٽن سرڪاري ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جو مناسب ذخيرو دستياب آهي ??يڪو ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ موزون آهي، سنڌ مان مليل انگن اکرن موجب ??رٽ??لائيزر ڪمپنيون هتي ڪجهه ڊيرلن کي اضافي اسٽاڪ ڏئ?? رهيون آهن، وزيراعظم چيو ته حڪومت ??رٽ??لائيزر انڊسٽري کي گئس تي 120 ارب روپين جي سبسڊي ڏئ?? رهي ??هي ??ڏهن ته ??ين 100 ارب روپين جون ٽيڪس مراعتون ڏنيون پيون وڃن، ??رٽ??لائيزر ڪمپنين پاران مختلف علائقن ۾ مخصوص ڊيلرن کي اضافي ??رٽ??لائيزر فراهم ڪئي پئي وڃي، اهي ??طلاع آهن ته هتي ذخيرو اندوزي ٿي رهي ??هي، اهو فرق ذخيرو اندوزي کي فائدو ڏئ?? رهيو آهي ??نهن جي ڪري هٿرادو کوٽ پيدا ٿي رهي ??هي. وزيراعظم ان تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف فوري ڪريڪ ڊائون ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته کنڊ جي شعبي لاءِ متعارف ڪرايل ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي ڀاڻ جي صنعت لاءِ به استعمال ڪيو وڃي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت عوام دشمن ڏوهارين جي خلاف موثر قدم نه کنيا ته وفاقي حڪومت مداخلت ڪري سگهي ٿي، چو ته سنڌ حڪومت پاران ڪارروائي نه ڪرڻ سان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڀاڻ جون قيمتون ۽ فراهمي بري طرح متاثر ٿي رهي ??هي، وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آبادگار دوست پاليسيون متعارف ڪرايون آهن، مافيا صارفين جي مفاد جو خيال رکڻ بدران منافع خوري ۾ مصروف آهي.