اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??فغ??نستان جي معاشي تباهي واضح ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، بحران سان نه رڳو پاڪستان پر سڄو خطو متاثر ٿيندو، ترڪي، ايران، انڊونيشا، ملائيشيا ۽ ٻيا عرب ملڪ او آءِ سي جي ميمبر آفريقي ملڪ ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جو اشارو ڏنو ويو آهي. اسان او آءِ سي ملڪن کانسواءِ سلامتي ڪائونسل جي پنج مستقل ميمبرن، اهم يورپي ملڪن ۽ گڏيل قومن جي تنظيمن جي نمائندن کي به ان اجلاس ۾ گهرايو آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 19 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي اجلاس جي واحد ايجنڊا ??فغ??نستان جي صورتحال هوندي، آئون اڄ دنيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن ??فغ??نستان جي صورتحال تي سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ويو ته ??فغ??نستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران سنگين صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو. ??فغ??نستان جي معاشي بربادي واضح ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، ان بحران سان نه رڳو پاڪستان پر سڄو خطو متاثر ٿيندو. دنيا کي ??فغ??نستان جي معاملن ۾ فوري مداخلت ڪرڻي پوندي، شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ گڏيل قومون عالمي بئنڪ، آءِ ايم ايف، اسان جي ڳالهه ورجائي رهيو آهي، هو چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن ??فغ??نستان تي لڳل پابندين تي نظرثاني نه ڪئي وئي ۽ ??فغ??نين کي فوري طور تي امداد نه پهچائي وئي ته تمام وڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. ??فغ??نستان ۾ ڪو بئنڪنگ نظام نه آهي، عالمي ادارا چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن فوري ڌيان نه ڏنو ويو ته 2022ع جي وچ ڌاري 97 سيڪڙو ??فغ??ن غربت جي سطح کان هيٺ ه??ند??، هن چيو ته هن وقت 95 سيڪڙو ??فغ??نين وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه نه آهي اسان پ??هن??ي ذميداري نڀائي رهيا آهيون، پر پاڪستان اڪيلو اها ذميداري نٿو کڻي سگهي، فوري فيصلا نه ڪيا ويا ته وڏو بحران ايندو. پرڏيهي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ اجلاس جو مقصد دنيا کي ??فغ??ن صورتحال کان باور ڪرائڻ آهي، مناسب هوندو ??فغ??ن اٿارٽي جو موقف به سامهون رکيو وڃي، پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته دنيا کي ??فغ??نستان جي معاملن ۾ فوري مداخلت ڪرڻي پوندي ۽ ??فغ??نستان کي انساني بحران کان بچائڻو پوندو. ??فغ??نستان ۾ انساني بحران جا پاڪستان تي اثر پ??ند??. پرڏيهي وزير چيو ته 40 لک ??فغ??ن پناهگيرن جي اڄ به خدمت ڪري رهيو آهي، وڌيڪ ??فغ??ن پناهگيرن جو بار کڻڻ جي سگهه نه آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري ??فغ??نستان جي انساني مدد لاءِ ”فليش ايپل“ دنيا جي سامهون رکي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ??فغ??نستان ۾ خدا نه ڪري جيڪڏهن انساني بحران پيدا ٿئي ٿو ته ان جي ان نتيجي ۾ ??فغ??ن پناهگيرن جي هڪ يلغار سامهون اچي سگهي ٿي، ??فغ??نستان ۾ صورتحال خراب ٿيڻ سان دهشتگردن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملي ويندو، دهشتگردي جي خلاف ڪيل ڪوششون ضايع ٿي وينديون، ضروري شيون ??فغ??نستان جو رخ ڪنديون ته پاڪستان ۾ مهانگائي وڌيڪ وڌندي.