ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڪراچي پريس ڪلب (ڪي پي سي) جي نئين چ??نڊيل باڊي گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي ??وج?? پريس ڪلب جي نئين چ??نڊيل باڊي ۾ صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري رضوان ڀٽي، نائب صدر رشيد ميمڻ، ٽريزور وحيد راڄپر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري اسلم خان شا??ل هئا جڏهن ته گورننگ باڊي جي ميمبرن ۾ خليل ناصر، فاروق سميع، لياقت مغل، اطهر حسين، مونا خان، شازيه حسن ۽ نبيل اختر شا??ل هئا. ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چ??نڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ تسلسل ۽ اسلامي فلاحي معاشري جي قيام ۾ صحافتي برادري جي ڪردار ۽ اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ صحافين پيشيواراڻي ذميوارين جي دوران ايندڙ مشڪلاتن کان صدر ۽ گورنر سنڌ کي آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جمهوريت جي قيام ۾ صحافي برادري جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ڊاڪٽر عارف علوي صحافين کي درپيش مسئلن جي حل جي خاطري پڻ ڪرائي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته صحافين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ موجوده حڪومت قدم کڻي رهي آهي. سنڌ جي گور??ر وڌيڪ چيو ته معاشرتي براين جي خاتمي لاءِ صحافي برادري جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي.