اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان جي سياست جو بنياد ج??هو??يت آهي، عوام جي راءِ اسان جي لاءِ مقدم آهي، اسلام آباد ۾ جلسي جو مقصد ٽڪراءُ نه آهي، تحريڪ انصاف هڪ ج??هو??ي پارٽي آهي، اسا?? شدت پسندي جي سياست ناهيون ڪندا، نه ئي ٽڪراءُ تي يقين رکون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو، چوڌري فواد حسين چيو ته چوڌري شجاعت صاحب معتبر شخصت آهي، وزيراعظم چوڌري ص??حب کي سدائين عزت ڏني آهي، ج??هو??يت ۾ عوام جي راءِ اصل ف??صلو آهي ۽ جلسا ان راءِ جي اظهار جو هڪ اهم ذريعو آهن، جيڪڏهن مخالف ڌر پرامن جلسو ڪرڻ چاهي ٿي ته ان جلسي کي به ڀليڪار چئون ٿا ۽ هر طرح جي سهولت ڏينداسين.