اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ دوران عوام جي ڏنل ريليف پئڪيج ت?? عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪن??ي چيو آه?? ته حڪومت جي اولين ترجيح مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ آه??. اها ڳالهه هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي پهرين ڪابينا اجلاس ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪرڻ جي عزم تي مبارڪباد ڏني. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي معاملن تي پڻ بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران عوام کي ڏنل ريليف پئڪيج ت?? عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي اولين ترجيح مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيل عوام کي فوري ريليف ڏيڻ آه??. هن چيو ته عوامي ريليف جي لاءِ صوبا ۽ وفاق گڏجي ڪم ڪن??ا.