اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئين جي با??ادستي سان ئي پاڪستان ۾ ج??هوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان قومي اسيمبلي ميمبر محسن شاهنواز ران??ها اسلام آباد ۾ مل??قات ڪئي. مل??ق??ت ۾ پاڪستان ۾ ج??هوريت جي استحڪام ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا. مل??قات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئين جي با??ادستي سان ئي پاڪستان ۾ ج??هوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. محسن شاهنواز ران??ها ان يقين جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم شهبازشريف جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت ۾ ترقي جي اها ئي رفتار نظر ايندي جيڪا سندس قيادت ۾ پنجاب ۾ ڏٺي وئي.