اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وزارت عظميٰ جو حلف کڻڻ کانپوءِ سعودي ع??ب جو پهريون دورو سعودي ع??ب جي ان تاريخي اسٽريٽجڪ اهميت جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو پاڪستان سعودي ع??ب سان پنهنجي خصوصي لاڳاپن کي ڏي ٿو، پاڪستان ۽ سعودي ع??ب گهري ۽ پائيدار ڀائراڻي رشتن ۾ جڙيل آ??ن، مشڪل جي هر گهڙي ۾ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي سعودي ع??ب جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون. سعودي ع??ب جي دوري تي روانگي کان اڳ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون کي خوشي آهي ته آئون وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ ۾ وزيراعظم طور پهريون دورو سعودي ع??ب جو ڪري رهيو آهيان، اهو دورو ان تاريخي اسٽريٽجڪ اهميت جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو پاڪستان سعودي ع??ب جي سان پنهنجي خصوصي لاڳاپن کي ڏي ٿو جنهن جا بنياد مضبوط گڏيل اعتماد ۽ گڏيل تعاون تي هموار آ??ن، آئون سعودي ع??ب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي خوشي سان ان دوري جي دعوت ڏني آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي ع??ب گهري ۽ پائيدار ڀائراڻي رشتن ۾ جڙيل آهن جنهن جا مضبوط بنياد گڏيل اعتماد ۽ گڏيل تعاون تي هموار آ??ن، هن چيو ته پاڪستان جي عوام خادم الحرمين الشريفين کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏي ٿي، اسان مشڪل جي هر گهڙي ۾ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي سعودي ع??ب جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون، پاڪستان سدائين سعودي ع??ب جو ساٿ ڏنو ۽ آئنده به هر موقعي تي پنهنجي سعودي ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهندو، هن چيو ته سعودي ع??ب جي دانشمنداڻي قيادت ڀائر سعودي عوام جي وڌ کان وڌ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جانفشاني سان ڪم ڪيو، اسان کي فخر آهي ته ولي عهد محمد بن سلمان جي ويزن 2030 جي فريم ورڪ تحت سعودي ع??ب ۾ ٿيندڙ قابل ذڪر ترقي تي فخر آهي، جيڪا تبديلي جو هڪ قدم آهي، وزيراعظم چيو ته اسان سعودي ع??ب پاران مسلم امت جي قيادت ۽ امت جي مسئلن جي حل جي حوالي سان ان جي گهري وابستگي جا قائل آهيون. هن چيو ته سعودي قيادت سان پنهنجي ڳالهين جو منتظر آهيا?? ته اسان پنهنجي هم جهت ٻطرفي تعاون جو جائزو وٺون ۽ ان خصوصي لاڳاپن کي لامتنا??ي بلندي تائين وٺي وينداسين، هن چيو ته آئون سعودي ع??ب ۾ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ چاهيندس، جنهن پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هو پاڪستان سعودي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم حصيدار آهن.