اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 25 ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ سان مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جي پنجاب ۾ حڪومت تي ڪو اثر نه ٿو پوي، وڏو وزير حمزه شهباز ئي آهي، عمران صاحب جي لاءِ اڄ خوشي ملهائڻ جو نه ماتم ڪرڻ جو ڏينهن آهي، عمران صاحب کي ماتم ڪرڻ گهرجي ڇو ته سندس پارٽي جا 25 ميمبر کيس ڇڏي ويا، عمران صاحب جي اٽو، کنڊ، گيهه، دوا چوري، مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي جي خلاف سندس ميمبر کيس ڇڏي ويا، اهي عمران صاحب جي لاءِ 25 چماٽون آهن، 25 ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ سان عمران صاحب سياست مان ڊي سيٽ ٿي ويو آهي، مطالبو ڪريون ٿا ته جهڙي طرح اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن جي خلاف ڪيس جو فيصلو هڪ مهيني ۾ ڏنو، 8 سالن کان التوا هيٺ فارن فنڊنگ ڪيس جي ڊيگهه ڏسندي هڪ ڏينهن ۾ فيصلو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چار سال اقتدار تي مڙهيل ٽولي عوام کي ڦريو، ملڪي معيشت جا ترا ڪڍي ڇڏيا، اقتدار ۾ رهي سياسي مخالفن ۽ ميڊيا جو آواز بند ڪيو ۽ پنهنجي نالائقي سان چوري جو بازار گرم ڪيو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب جي 25 ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ جي فيصلي جو پنجاب حڪومت تي ڪو اثر نه پوندو. هن چيو ته عمران خان چار سالن تائين عوام سان رڳو ڪوڙ ڳالهايو ۽ ??نه?? 25 ميمبرن عمران خان جي پاليسين کان انحراف ڪيو. هن چيو ته هڪ هفتو اڳ عمران خان اليڪشن ڪميشن جي خلاف هو، اڄ ان فيصلي کانپوءِ هو اليڪشن ڪميشن کي سلام پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آئين شڪني جي خلاف جڏهن رات جون عدالتون کليون ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ ججز ۽ عدالتن کي ڌمڪيون ڏنيون، ??نه?? جي فيمليز کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پنهنجي پارٽي جي ٽوئيٽر هينڊلرز جي ذريعي ??نه?? ججن جي خلاف منظم مهم هلائي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان شخص جي ذهني ڪيفيت عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿي، اهي ماڻهو اقتدار سان چنبڙيل رهڻ چاهين ٿا، ڀلي اهو اقتدار عوام کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي ڏي. هن چيو ته عمران خاان جي حڪم تي صدر، اسپيڪر، ڊپٽ?? اسپيڪر، گورنر آئين شڪني ڪئي، ان آئين شڪني جي خلاف منحرف ميمبرن آواز اٿاريو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 25 منحرف ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ کانپوءِ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جي پنجاب ۾ حڪومت تي ڪو اثر نه ٿو پوي، وڏو وزير حمزه شهباز ئي آهي. اڄ جي فيصلي کانپوءِ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جي ميمبرن جو پنجاب ۾ انگ 177 آهي ۽ پي ٽي آءِ جو 172 آهي، ڊي سيٽ ٿيندڙ پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن عوام جي ڦرجڻ، بجلي، گئس ۽ دوا چوري جي ڪري پنهنجي پارٽي سان اختلاف ڪيو، عمران خان جي پاليسين جي ڪري اهي پنهنجي تڪن ۾ نه وڃي سگهندا هئا. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ آئيني طريقو آهي، منحرف ميمبر ووٽ ڏيڻ جو حق رکن ٿا، ڊي سيٽ ٿيندڙ ميمبر نتيجي کان آگاهه هئا، ان جي باوجود ??نه?? ان سياست سان اختلاف ڪيو جيڪا عوام کان اٽو کسي وٺي، عوام کي غربت جو شڪار ڪري، ملڪ ۾ افراتفري پکيڙي ۽ معيشت تباهه ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ عمران خاان 25 ميمبرن کان محروم ٿيو آهي، سندس ميمبرن پاڪستان جي عوام جي خاطر ووٽ ڏنو، ??نه?? ان فاشسٽ، غنده گردي ۽ عوام کي ڦريندڙ حڪومت جي خلاف ووٽ ڏنو، اهي ميمبر ان فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو حق رکن ٿا. هن چيو ته ووٽ ڏيڻ جي حوالي سان پي ٽي آءِ پاران ڪا هدايت جاري نه ٿي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پاڪستان جي عوام کي ڦريو، ريليف ڏيڻ بدران عوام کي بيروزگار ڪيو، ٻاهرئين ملڪ سازش جو ڍونگ رچايو، چار سال اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهي ڪارٽلز ۽ مافياز کي فائدو پهچايو، چار سال ان ٽولي پنجاب کي بدترين نقصان پهچايو، مسلم ليگ (ن) ۽ شهباز شريف پنجاب کي جيڪو جيڪو ريليف ڏنو هو، ان ٽولي عوام کي ان کان محروم ڪيو ۽ عوام جو معاشي قتل ڪيو. عثمان بوزدار جي صورت ۾ هڪ گونگو ۽ ٻوڙو وڏو وزير پنجاب تي مڙهيل هو جنهن جي مٿان فرح گوگي عمران خان جي بي نامي مڙهيل هئي جنهن پنجاب ۾ ڦرلٽ ڪئي، اهي سموريون حقيقتون پاڪستان جي عوام ڄاڻي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته ڊي سيت ٿيندڙ ميمبرن عمران خان جي سياست کي ڊي سيٽ ڪيو آهي، اڄ جيڪي اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران شادمانا وڄائي رهيا آهن هي ??نه?? جي لاءِ ماتم جو وقت آهي ڇو ته تحريڪ انصاف پنجاب ۾ 25 ماڻهن کان محروم ٿي آهي. هن چيو ته ان فيصلي جو مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين تي ڪو اثر نه پوندو، مسلم ليگ (ن) عمران خان جي بدترين ۽ بدبودار احتساب ۽ ميڊيا ٽرائلز جي باوجود اڄ سرخرو آهي. ??نه?? جو لڳايل ڪرپشن جو هڪ الزام به ثابت نه ٿيو. ان بدترين احتساب جي باوجود ڪنهن اهڙي شخص جو نالو وٺن جيڪو نواز شريف کي ڇڏي ويو هجي يا پارٽي سان اختلاف ڪيو هجي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قوم?? اسيمبلي ۾ به عمران خان جي خلاف ان جي اتحادين آواز بلند ڪيو، بي اعتمادي رٿ ذريعي کيس پارليامينٽ مان کڻي ٻاهر اڇلايو ويو، پنجاب اسيمبلي مان به ??نه?? کي بي اعتمادي رٿ ذريعي ٻاهر اڇلايو ويو، جنهن اسيمبلي ۾ به ??نه?? جي خلاف بي اعتمادي رٿ ايندي، ??نه?? کي کڻي ٻاهر اڇلايو ويندو. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ آئيني طريقو آهي، آئين ان جي اجازت ڏي ٿو، اهي سموريون شيون ??نه?? جي خلاف آئين جي روح سان ٿيون، ڊي سيٽ ٿيندڙ ميمبرن ڏينهن ڏٺي عمران خان جي پاليسين جي خلاف ووٽ ڏنو، ??نه?? ميمبرن عمران خان جي معاشي تباهي جي خلاف ووٽ ڏنو آهي. هن مطالبو ڪيو ته جهڙي طرح اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن جي خلاف ڪيس جو فيصلو هڪ مهيني ۾ ڏنو آهي، 8 سالن کان التوا هيٺ فارن فنڊنگ ڪيس جي ڊيگهه کي ڏسندي هڪ ڏينهن ۾ فيصلو ڪري. هن چيو ته چار سال تائين وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي مڙهيل شخص فارن فنڊنگ جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي، عمران خان فارن فنڊنگ ڊڪليئر نه ڪئي، فارن فنڊنگ ڪيس ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي؟ عمران خان جي ان فيصلي کي روڪڻ جي لاءِ عدالتن ۾ درخواستون ڪيُون ويون، اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ ڪيس جي جڏهن به ٻڌڻي ٿي ته اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪي ڏني وئي. عمران خان کان جڏهن فارن فنڊنگ جو سوالو ڪريو ته چون ٿا ته ٻين پارٽين کان حساب وٺو، اسان 40 سالن جو حساب ڏنو آهي، عمران خان پنهنجي فارن فنڊنگ ۽ فرح گوگي جي ڦرلٽ جو حساب ڏي. هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي ملازمن جي ذاتي اڪائونٽس ۾ پئسا گهرايا ۽ ڊڪليئر نه ڪيا، عمران خان جي مني لانڊرنگ بابت ثبوت اسٽيٽ بئنڪ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايا، اهو اسٽيٽ بئنڪ جو سرڪاري رڪارڊ آهي جيڪو عمران خان کي مني لانڊرر ۽ فارن فنڊنگ جو ڏوهاري قرار ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته فارن فنڊنگ جو فيصلو ايندو ته تحريڪ انصاف جي پوري پارٽي ڪالعدم ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ جيڪڏهن نااهلي ڪنهن جي بڻجي ٿي ته اها ??مران خان جي بڻجي ٿي، مني لانڊرنگ، مهانگائي، عوام کي ڦرڻ، ڪارٽلز ۽ مافيا جا کيسا ڀرڻ تي نااهلي عمران خان جي بڻجي ٿي، اها نااهلي ??نه?? 25 منحرف ميمبرن جي نظر ۾ ٿي چڪي آهي. هن چيو ته جڏهن چونڊُون ٿينديُون ته پي ٽي آءِ کي ٽڪيٽ جي لاءِ ماڻهو نه ملندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ ان جي اتحادين جي اڪثريت آهي. اڄ تحريڪ انصاف 25 ميمبرن کان محروم ٿي آهي، ??نه?? ميمبرن عمران خان جي پاليسين سان انحراف ڪندي کيس ڇڏيو آهي، اهي عمران خان جي منهن تي 25 چماٽ آهن. هن چيو ته عمران خان ??نه?? ميمبرن جي ڳالهه ڪڏهن نه ٻڌي، ان جو مقصد ڪارٽلز ۽ مافياز جا کيسا ڀرڻ هو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪرائي جا ترجمان هينئر کان ئي ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ٿي ويا آهن ته حڪومت ختم ٿي وئي آهي، حمزه شهباز وٽ 177 ووٽ موجود آهن جڏهن ته پي ٽي آءِ وٽ ??نه?? ميمبرن جي وڃڻ کانپوءِ هاڻي 172 ووٽ آهن. هن چيو ته عمران خان جي چار سالا ڪارڪردگي اها ??هي ته هو پنهنجي ماڻهن کي به گڏ نه رکي سگهيو، ان جون پاليسيون عوام دش??ن هيون، هن هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو ۽ 60 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ خط لهرائڻ سان سندس بيانيو دفن ٿي چڪو آهي. هن چيو ته هي ماڻهو مريم نواز بابت ڳالهيون ڪري رهيا آهن، مريم نواز ڪنهن کان نه ٿي ڊڄي، مريم نواز کي ڪمزور نه سمجهو، هوءَ ??نه?? کي جواب ڏيڻ ڄاڻي ٿي ۽ سرگوڌا ۾ ??نه?? کي جواب ملي به ويو هوندو. هن چيو ته اڄ اهو شخص وات کولي رهيو آهي جيڪو فرح گوگي کانسواءِ بي آر ٽي پشاور، مالم جبه، هيلي ڪاپٽر ڪيس، اٽو کنڊ ڪرپشن تي جواب نه ڏئي سگهيو، فرح گوگي تي ان لاءِ جواب ڏئي رهيو آهي ته اها ??ن جي بي نامي آهي. هن چيو ته اٽو، کنڊ، بجلي، گئس ۽ دوا چوري، ملڪ کي تباهه ڪرڻ، آئين شڪني ۽ ميڊيا جو آواز دٻائڻ تي سندس ميمبرن ??نه?? کان منحرف ٿيا. هڪ سوال تي هن چيو ته رياست جا ٽي ٿنڀ آهن، ??نه?? جون پنهنجون پنهنجون آئيني حدون مقرر آهن، ايگزيڪيوٽو جو ايڊمنسٽريٽر استحقاق موجود آهي، قابل آفيسرن جي مقرري وفاقي حڪومت جو اختيار ۽ استحقاق آهي. هن چيو ته گذريل چار سالن ۾ ادارن کي سياسي مخالفن ۽ ميڊيا جي خلاف استعمال ڪيو ويو. راڻا ثناءُ الله جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج کي ان جي ڪري تبديل ڪيو ويو ته شايد هو راڻا ثناءُ الله کي ضمانت ڏئي ڇڏيندو. هن چيو ته شهزاد اڪبر ايسيٽ ريڪوري يونٽ جو هيڊ هو، هو نيب جي آفيس ۾ ويهي گرفتارين جا حڪم ڏيندو هو، هو ??نه?? جيلن جي نگراني ڪندو جتي سياسي مخالفن کي سزا موت جي چڪين ۾ رکيل هو، هو اهو ڏسندو ته شهباز شريف کي نماز جي لاءِ ڪرسيءَ ملي آهي يا نه. بشير ميمڻ پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته مون کي عمران خان پنهنجي آفيس ۾ گهرائي دٻاءُ وڌو ته آئون ??نه?? سمورن ماڻهن جي خلاف ڪيسز ٺاهيان، مون چيو ته ڪيسز نه ٿا ٺهن ته مون کي فارغ ڪيو ويو. اهي سموريون شيون تاريخ ۽ رڪارڊ جو حصو آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته ڊي سيٽ ٿيندڙ ميمبرن کي حق حاصل آهي ته اهي پنهنجي خلاف فيصلي کي چئلينج ڪن. هن چيو ته عمران خان کي 25 ميمبر ڇڏي ويا آهن، ان تي کيس خوشيون نه ماتم ڪرڻ گهرجي. اليڪشن جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چونڊون ڪراڻ ۽ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو فيصلو اتحادين سان گڏجي ويهي ڪنداسين. عمران خان چونڊون ڪرائڻ جي حق نه ٿو رکي، وٽس ان وقت استحقاق هو جڏهن هو وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي مڙهيل هو، ان وقت اليڪشن ڪرائي ڇڏي ها، هاڻي ان وقت چونڊون ٿينديون جڏهن اتحادي ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ان جي تاريخ ڏيندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته عمران خان ذهني مريض آهي، هو صبح جو هڪڙي ڳالهه ڪري ٿو ۽ شام جو ٻي ڳالهه ڪري ٿو، پاڪستان جي عوام ڄاڻي ٿي ته ڪنهن ??نه?? کي ڦريو، ڪنهن عوام کان دوا ڦري، ڪنهن ڪوڙا واعدا ڪيا، ڪنهن پرڏيهي پاليسي ۽ ملڪي سلامتي کي نقصان پهچايو. هن چيو ته عوام ??نه?? سمورين شين کي نظر ۾ رکندي پنهنجو فيصلو ڪندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چونڊن ۾ ٽڪيٽ جي لاءِ ماڻهو ڳولندي رهندي پر ??نه?? کي ماڻهو نه ملندا. هڪ سوال تي هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڪرڻ اليڪشن ڪميسن جي ذميواري آهي، اسٽيٽ بئنڪ جو رڪارڊ موجود آهي، اليڪشن ڪميشن اهو رڪارڊ عوام کي فراهم ڪري ته پي ٽي آءِ جو وڪيل ڪيترا ڀيرا بيمار ٿيو، ڪيترا ڀيرا ٻاهرئين ملڪ ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ وٽ مواد موجود نه آهي، ??نه?? مني لانڊرنگ ڪئي آهي، ??نه?? غيرملڪين کان پئسا ورتا ۽ ڊڪليئر نه ڪيا. هڪ سوال تي هن چيو ته اڄ تائين ??نه?? مسلم ليگ (ن) ۾ اختلاف نه ڏٺو، مسم ليگ (ن) هڪ پارٽي آهي جنهن جو قائد محمد نواز شريف آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي اتحادين سان گڏجي فيصلا ڪندو. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جي ذريعي عمران خان کي پارليامينٽ کان ٻاهر ڪڍيو، ايندر عام چونڊن ۾ پاڪستان جي سياست ۾ ??نه?? جو نالو وٺڻ وارو ڪير نه هوندو. هن چيو ته عوام کي مهانگائي ۾ ڌڪڻ مسلم ليگ (ن) جي منشور جي خلاف آهي، مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادين جو فيصلو آهي ته گذريل حڪومت جي ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جو بار پاڪستان جي عوام تي ڇو وڌو وڃي، پاڪستان جي عوام کي ان جي سزا ڇو ڏني وڃي، اها ??زا ان شخص کي ڏيڻ گهرجي جنهن منفي سياست جي لاءِ ملڪي معيشت ک?? استعمال ڪيو، پنهنجي منصب ک?? استعمال ڪيو، پاڪستان جي عوام کي مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسيو، اها ??زا پاڪستان جي عوام کي نه عمران خان کي ملڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪراچي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ ٽن ماڻهن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن چيو ته نيشن?? ايڪشن پلان کي نظرانداز ڪرڻ کانپوءِ اها ??ورتحال پيدا ٿي آهي. سمورين پارٽين گڏجي پارليامينٽ جي ذريعي نيشن?? ايڪشن پلان ۽ سيڪيورٽي پاليسي جي منظوري ڏني هئي، عمران خان پنهنجي انا ۽ ضد جي خاطر نيشن?? ايڪشن پلان کي نظرانداز ڪيو، هو صوبن سان ڳالهه ڪرڻ به مناسب نه سمجهندو هو. پاڻي، دهشتگردي يا معيشت جهڙن مسئلن تي هو صوبن سان ڳالهه نه ڪندو هو، ڪوويڊ دوران جڏهن صوبن جي اندر ميٽنگ ٿي ته هي اتان اٿي هليو ويو. اڄ ان طرزعمل جا اثر ??نه?? واقعن جي شڪل ۾ اسان جي سامهون آهن. هن چيو ته شهباز شريف کي انا، تڪبر ۽ ضد جو ڪو مسئلو نه آهي، هو سمورن صوبن جي وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽرين سان ڳالهه ڪري ٿو، هر ڏينهن ??نه?? سان ميٽنگ ڪري ٿو ته جيئن ملڪ ۾ ڪنهن جڳهه تي مهانگائي نه ٿئي، دهشتگردي نه ٿئي، امن امان جي صورتحال خراب نه ٿئي، اهو ئي فرق وزيراعظم شهباز شريف ۽ عمران خان ۾ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته جڏهن شهباز شريف مخالف ڌر اڳواڻ هو ته هن ميثاق معيشت جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن تي مٿس اين آر او جو الزام هنيو ويو، عمران خان اڄ تائين اين آر او جو الزام ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته معيشت، پاڻي يا دهشتگردي جو مسئلو هجي، ??نه?? سمورين شين تي شهباز شريف ڪنهن به قسم جي انا يا ضد نه ٿو رکي، کيس پنهنجي ذات کان وڌيڪ پاڪستان جي عوام ۽ ??نه?? جي تڪليفن جو احساس آهي. اهو ئي فرق هڪ جمهوري وزيراعظم ۽ فاشسٽ وزيراعظم ۾ هوندو آهي.