اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪر??ٽر?? جنرل انٽونيو گوٽريس سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دوران پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ گهڻ رخي ۽ گڏيل قومن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن تي سختي سان عمل ڪري رهيو آهي، پاڪستان سدائين انهن اصولن موجب عالمي مسئلن جي حل جي حمايت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪر??ٽر?? جنرل کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلا?? ورزين ۽ غيرقانوني آبادياتي تبديلين جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي ??وا??شن موجب حل جي ضرورت تي زور ڏنو.