اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سلمان ص??في کي پرائم منسٽر اسٽريٽجڪ ريفارمز جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سلمان ص??في رضاڪاراڻي طور تي اها ذميداري س??ان??ام ڏيندو. سلما?? صوفي، مدر ٽريسا ايوارڊ يافته پبلڪ پاليسي جو ماهر آهي جيڪو سماجي ڀلائي جي منفرد منصوبن کي متعارف ??رائڻ ۾ مشهور مقام رکي ٿو. هن پنجاب ويمن پروٽيڪشن ايڪٽ، وائلنس اگينسٽ ويمن سينٽر، ويمن آن ويلز ۽ شهر خموشان سميت ڪيترائي عوام دوست منصوبا متعارف ??رايا آهن. هو شهباز شريف جي پنجاب جي وڏ وزارت دوران ڊي جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ مقرر هو، سلمان ص??في کي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ پنج مشهور ماڻهن ۾ شامل ڪيو ويو جنهن ۾ موجوده آمريڪي صدر جوبائيڊن به شامل آهي، کيس وائٽل وائسز ايوارڊ سان به نوازيو ويو. سمورين وزارتن کي هدايت به ڪئي وئي آهي ته هو وزيراعظم جي سڌارن واري ايجنڊا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪن.