مظفر آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪل جماعتي حري?? ڪانفرنس جي سڏ تي اڄ جمعي ڏينهن آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي چئني صوبن سميت سڄي دنيا ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي آئيني ترميم ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن جي خلاف اڄ 5 آگسٽ تي رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي ٻنهي طرفن جلسا، جلوس، مظاهرا ۽ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي ??رڪ??ي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات شوڪت جاويد مير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گادي واري شهر مظفر آباد ۾ سڀ کان وڏي ريلي پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير ۽ پاسبان حريت جي گڏيل سهڪار سان ??رڪ??ي پريس ڪلب آڏو آزادي چوڪ کان گڏيل قومن جي مشن آفيس تائين پيادل مارچ ڪندي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي نالي ڀارتي ظلمن ۽ معصوم ڪشميرين جي قتلام، دنيا جي ڊگهي ترين لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو جي لاڳو هجڻ تي احتجاجي ميمورنڊم پيش ڪندي. ريلي جي قيادت آزاد ڪشمير قانونسا?? اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري لطيف اڪبر، پاسبان حريت جو چيئرمين عزيز احمد غزالي، پيپلزپارٽي جو ??رڪ??ي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات شوڪت جاويد مير، وائيس چيئرمين مشتاق السلام ڪندا. پارٽي صدر چوڌري محمد ياسين، سيڪريٽري جنرل ف??صل ممتاز راٺوڙ، آزاد ڪشمير، پناهگيرن ۽ ٻاهرئين ملڪ ۾ قائم تنظيمن کي ڀرپور احتجاجي ريليون ڪڍڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.