اسلام ??با?? – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف گذريل رات خوست، هرنائي، بلوچستان ۾ دهشتگردن جي سيڪيورٽي فورسز جي چوڪيءَ تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وز??را??ظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم شهباز شريف دهشتگردن جي ڪڌن ارادن کي ناڪام بڻائيندي نائيڪ عاطف ۽ سپاهي قيوم جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. وز??را??ظم وڌيڪ چيو ته آئون واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ميجر عمر جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته پاڪستاني قوم ملڪ جي حفاظت ڪندي پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن وساري نه ٿي سگهي. وز??را??ظم چيو ته شهيد اسان جو فخر آهن ۽ مون سميت پوري قوم جون سموريون دعائون شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن.