اسلام آباد / واشنگٽن – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري واشنگٽن ۾ آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر سينيٽر جيمز رش سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير آمريڪي سينيٽ ميمبر سان ??ين??ڙ ملاقات دوران پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين جي اثرن جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ ملڪ جي ٽئين حصي کان وڌيڪ حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا جيڪي آسٽريليا جي آبادي کان وڌيڪ آهن. هن 66.1 ملين ڊالر جي آمريڪي امداد کي ??اراهيندي چيو ته پاڪستان ??ي وڌيڪ تمام گهڻي ضرورت آهي ڇو ته شروعاتي ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصانن جي نشاندهي ڪري ٿو. پرڏيهي وز??ر متاثر آبادي کي ??رپيش چئلينجن جو پڻ ذڪر ڪي?? جن ۾ صحت جي صورتحال، مليريا، ڊينگي ۽ پاڻي سان پيدا ??ين??ڙ وبائي بيماريون شامل آهن. پرڏيهي وزير ان ??الهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ??رين هائوس جي اخراج جي لاءِ گهٽ کان ??هٽ ذميوار هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي. پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي ڪانگريس تاريخي طور تي قدرتي آفتن ۾ پاڪستان سان ??ڏ بيٺل رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا پاڪستان سان تعاون جاري رکندو. آمريڪي سينيٽر پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ??ين??ڙ تباهي تي پرڏيهي وزير سان همدردي جو اظهار ڪيو، ٻنهي طرفن پاران پرامن، مستحڪم افغانستان جي ضرورت سميت علائقائي مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير سينيٽر جيمز رش کي ٻوڏ سان ??ين??ڙ تباهي جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني.