رياض – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو، رياض جي گورنر فيصل بن بندرالسعود رياض ايئرپورٽ تي وزيراعظم جي شاندار آجيان ڪئي، دفاع وار?? وفا??ي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وار?? وفا??ي وزير اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي، رياض ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم سعودي ولي عهد سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ گهڻ ر??ي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ وڌيڪ ب??تري جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم سعودي فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو سمٽ ۾ پڻ شرڪت ڪندو.