اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) مواصل??ت واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود برن سوئٽزرلينڊ ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ منعقد تقريب ۾ شر??ت ڪئي. پريس ريليز موجب مواصل??ت واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود سوئٽزرلينڊ ۾ مقرر پاڪستاني سفير عامر شوڪت ۽ پاڪستاني ڪميونٽي سان گڏ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪا??ي ڏينهن واري تقريب ۾ شر??ت ڪئي. وفاقي وزير مولانا اسعد محمود پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير مسئلي کي هر فورم تي اجاگر ڪنداسين، ڪشميرين تي ڀارت جيڪي ظلم ڪري رهيو آهي ان جو مثال پوري دنيا ۾ نه ٿو ملي.