اسلام آباد– 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان پاران سينئر صحافين حامد مير، مرتضيٰ سولنگ?? ۽ ??قار ستي کي وزير آباد سانحي ۾ ملوٽ ڪرڻ جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان سياست ڪري، فساد، فتنو ۽ انتشار نه پکيڙي، حڪومت ۾ رهي هن صحافين تي حملا ڪ??ا ۽ هاڻي صحافين تي ڪيس ٺاهي رهيا آهن. عمران خان سياست ڪري، صحافين جي جان کي خطري ۾ نه وجهي. ??نه??جي ب??ان هن چيو ته لاشن تي سياست، صحافت تي سياست، عمران خان کي سياسي مخالفن سان گڏ سياسي جنگ وڙهڻ ئي نه ٿي اچي. سياسي مخالفن سان سياسي مخالفت ڪريو، ملڪ دشمني ته نه ڪريو. هن چيو ته جيڪو توهان جي خلاف ڳالهه ڪري اهو توهان جو دشمن آهي، عمران خان ٽنهي صحافين جا نالا وٺي انهن جي جان خطري ۾ وڌي جنهن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري وفاقي وزير چيو ته پورو پاڪستان فارن فنڊيڊ فتني جي ڪوڙ، الزامن ۽ فساد جو شڪار آهي، اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پوري ملڪ کي باهه لڳائڻ چاهي ٿو، عمران خان ملڪ کي باهه لڳائي، رت وهائ?? ۽ ??اش ڪيرائي ڇا ٿو ڪرڻ چاهي. هن چيو ته صحافي سوال پڇن ته دشمن، ايف آءِ اي، اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت سوال پڇي ته دشمن. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو اڄ تائين ??نه??جي خلاف ڪنهن قانوني ڪيس ۾ پيش ناهي ٿيو.