اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي کي شاند??ر طريقي سان ملهائڻ جي هدايت ڪندي سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ اقبال شناس شخصيتن تي ٻڌل 22 رڪني قومي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته نومبر جي پوري مهيني ۾ علامه اقبال جي زندگي، فڪر، تحريڪ، شاعري ۽ فلسفي کي اجاگر ڪيو وڃي، ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ نومبر مهيني جي لاءِ سرگرمين کي ترتيب ڏيڻ جو ڪم مڪمل ڪري. وزيراعظم آفيس سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ قومي ڪميٽي ٺاهڻ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جا??ي ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن ڪميٽي کي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ڊاڪٽر نثار احمد چيما، ڊاڪٽر نفيسا شاهه، پ??وفيسر فتح محمد ملڪ، پ??وفيسر ڊاڪٽر خواجه محمد ذڪريا، پ??وفيسر ڊاڪٽر رفيع الدين هاشمي، پ??وفيسر ڊاڪٽر محمد ايوب صابر، ڊاڪٽر اسلم انصاري، ڊاڪٽر احسان اڪبر، پ??وفيسر ڊاڪٽر تحسين فراتي، ڊاڪٽر اڪبر احمد، ڊاڪٽر طالب حسين سيال، خرم علي شفيق، ڊاڪٽر ابصار احمد، ڊاڪٽر مقصود جعفري، ڊاڪٽر عبدالرئوف رفيق، پ??وفيسر ڊاڪٽر عباد علي، ڊاڪٽر بادشاهه م??ير بخاري، ڊاڪٽر خالد اقبال ياسر، محمد اڪرم چغتائي، ڊاڪٽر شاهد اقبال ڪامران ۽ پروفيسر ڊاڪٽر بصيره عنبرين شامل آهن.