اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بونير جي لاءِ پي ٽي وي جو بوسٽر هڻڻ جو منصوبو 31 ڊسمبر 2017ع ت?? مڪمل ٿي ويندو، ان منصوبي ک?? مڪمل ڪرڻ ۾ دير جو بنيادي سبب زمين حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ۽ امن امان جي صورتحال هئ??. ق??مي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران شير اڪبر خان جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ٻڌاي?? ته بونير ۾ پي ٽي وي جي بوسٽر جو منصوبو 31 ڊسمبر 2017ع تائين مڪمل ٿي ويندو.