اس??ام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نجي شعبي جي ترقيا??ي منصوبن ۾ ڀرپور شرڪت ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي وزارتن کي ان حوالي سان هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ موجود قانونن ۽ عملن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم وزيرن ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين کي پڻ اها هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل کاتن ۾ اهڙن ترقيا??ي منصوبن جي نشاندهي ڪن جتي رڳو سهولتڪاري، قانونن کي آسان بڻائي يا گهٽ مالي وسيلا لڳائي ترقيا??ي منصوبن تي ڪم شروع ڪري سگهجي ٿو. هن اها هدايت ملڪ ۾ معاشي عمل ک?? تيز ڪرڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان مختل?? شعبن ۾ ترقيا??ي منصوبا شروع ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.