اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خ??ص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته نرس??گ جي عالمي معيار موجب پاڪستان کي 13 لک نرسن جي ضرورت آهي، سڄي ملڪ ۾ 87 هزار رجسٽرڊ نرسنون ڪم ڪري رهيون آهن، نرس??گ جي حوالي سان قانون تي ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪو آخري مرحلن ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نرسن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.