اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وفاقي ڪابينا شگر انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي ڪميشن رپورٽ جي سفارشن جي حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي ۽ فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ ايڪٽ 2020ع جي تجويز ڪيل مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ??زي??اعظم ڪڻڪ کي عوام جي بنيادي ضرورت قرار ڏيندي چيو ته ملڪ جي وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي ضرورت آهي ته جيئن آبادي جي ضرورتن موجب ڪڻڪ جي پيداوار ۽ سپلائي کي يقيني بڻا??ي سگهجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? سينيٽر شبلي فراز ??زي??اعظم ??مر??ن خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا شگر انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي ڪميشن رپورٽ جي سفارشن جي حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي جي منظوري ڏني. ??زي??اعظم چيو ته کنڊ جي قي??تن ۾ اضافي جي حوالي سان جاچ جي لاءِ ڪميشن جو قيام عوامي مفاد ۾ ڪيو ويو. هن انڪوائري ڪميشن جي سفارشن جي ڏس ۾ لاڳاپيل ادارن کي ڏني ويندڙ ذميوارين جي حوالي سان هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا مقرر مدي ۾ ان معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائين. ??زي??اعظم ??مر??ن خان جي ه??ايت موجب خاص معاونين پاران اثاثن جا تفصيل پيش ڪرڻ جي عمل ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ??زي??اعظم ??مر??ن خان جي ه??ايت جي روشني ۾ سمورن خاص معاونين پاران پنهنجي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرايا پيا وڃن. تازي اطلاعن موجب هيستائين هڪ صلاحڪار جڏهن ته ٽن خاص معاونين کي اڃا اثاثا جمع ڪرائڻا آهن جيڪي جمع ڪرايا ويندا. ڪڻڪ ۽ اٽي جي قي??تن ۾ گهٽتائي آڻڻ بابت قدمن جي حوالي سان ناڻي واري صلاحڪار ڪابينا کي ڪڻڪ جي صورتحال، صوبائي حڪومتن پاران ڪڻڪ جي خريداري، ذخيرن جي صورتحال ۽ اٽي جي قي??تن ۾ گهٽٽائي آڻڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن کان آگاهه ڪيو.