اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي برادري کي سربرينيشيا ۾ 25 سال اڳ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ ۽ ق??لا?? جهڙن واقعن مان سبق سکڻ گهرجي ۽ اهڙن واقعن کي ٻيهر رو??ما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، اڄ ڪشميري عوام کي ڀارت جي 8 لک فوج يرغمال بڻائي رکيو آهي، خدشو آهي ته اتي به اهڙو افسوسناڪ ق??لا?? نه ٿئي. سربرينيشيا ۾ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ جي 25 هين ورسيءَ جي مو??عي تي پنهنجي پيغام ۾ وز??راعظم عمران خان چيو ته مون کي ق??لا?? جو اهو ڏينهن چڱي طرح ياد آهي، اهو واقعو انتهائي ڏک ۽ صدمي جو سبب آهي. هن چيو ت?? سربرينيشيا ڪڏهن گڏيل قومن جي امن فوج جي پرامن جنت هئي، اهڙي پرامن جڳهه تي 25 سال اڳ اهو ڪيئن ممڪن ٿيو، مون کي اڃا به ان ڳالهه جو صدمو آهي ته عالمي برادري ان وا??عي کي ڪيئن رو??ما ٿيڻ ڏنو. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته اسان ان وا??عي مان سبق سکون، عالمي برادري کي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي ٻيهر رو??ما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.