اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ??هي ته حڪومت قانون جي هڪجهڙي لاڳو جي حوالي سان ڪا به رعايت نه ڪندي، ميان نواز شريف کي وطن واپسي آڻڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، اين آر او جي حوالي سان حڪومت بليڪ ميل نه ٿيندي، جڏهن ته وزيراعظم چي?? ??هي ته ماضي ۾ ڏنل اين آر اوز جي ڪري ملڪ جي قرضن ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿيو ??هي ۽ ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي، ڪابينا بلوچستان حڪومت جي درخواست تي بليدا ٽائون انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ پراجيڪٽ لاءِ فرنٽيئر ڪور بلوچستان ڏکڻ لاءِ ٻن پلٽونن جي منظوري به ڏني. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ تازين برساتن جي نتيجي ۾ ڪراچي سميت سنڌ صوبي جي عوام جي مشڪلاتن جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي ازالي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، اجلاس کي قبائلي علائقن جي انضمام کانپوءِ ڪوٽا جي نظام ۽ انهن علائقن ۾ عوام کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ جي حوالي سان ڪوٽا سسٽم جي اهميت تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم عمران خان ان حوالي سان چي?? ته گهٽ ترقي يافته ۽ پوئتي پيل علائقن ۽ طبقن کي ملڪ جي ٻين ??صن جي برابر آڻڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪوٽا سسٽم پهرين وانگر جاري ??هي جنهن جو مقصد پوئتي پيل ماڻهن کي ملڪ جي ٻين ??صن جي برابر آڻڻ آهي، هن چي?? ته ان ڳالهه کي ??قي??ي بڻايو ويندو ته ڪوٽا سسٽم ۾ انصاف هجي.