اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته شهباز شريف جي گرفتاري جو هڪ سبب غي??قا??وني اثاثا ڪيس ۾ عدالت کي مطمئن نه ڪرڻ آهي، نواز شريف به اهڙي طرح غي??قا??وني اثاثن جي ڪيس ۾ عدالت کي مطمئن نه ڪري س??هيو هو، ماضي ۾ صحت جي بنياد تي نواز شريف کي ضمانت ڏيندڙ عدالتون تمام سٺيون هيون ۽ جيڪي عدالتون خلاف فيصلو ڏين انهن بابت ڳٺ جوڙ جو تاثر ڏنو وڃي ٿو، اهو توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو، نواز شريف ۽ شهباز شريف اڄ تائين هڪ سوال جو جواب ناهي ڏنو. هو پي آءِ ڊي ۾ گهرو احتساب ۽ معاملن واري صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو.