ڪابل – 19 نو??بر (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن جي ڏس ۾ انٽيليجنس معلومات جي مٽاسٽا ۽ ويجهي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ??ڏيل ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم عمران ان ۽ افغانستان جي صد?? اشرف غني خميس ڏينهن هتي صد??رتي محل ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ استحڪام جي لاءِ فوري قدمن جي سلسلي ۾ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان جيڪو پهريون ڀيرو افغانستان جي دوري تي ڪابل آيو، افغان صد?? اشرف غني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، بين الافغان امن عمل ۽ علائقائي اقتصادي تر??ي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان افغان حڪومت کي پاڪستان پاران افغانستان ۾ تشدد جي خاتمي لاءِ تعاون ۽ جنگ بندي جي سلسلي ۾ پنهنجي ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي، وزيراعظم چيو ته هو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته پاڪستان افغانستان جي ڪهڙي طرح جي مدد ڪري سگهي ٿو، هن افغان صد?? کي يقين ڏياريو ته هو تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ ??رپور مدد فراهم ڪندو، وزيراعظم افغانستان ۾ تشدد جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل خيالن جي مٽاسٽا لاءِ ٻنهي حڪومتن جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽين جي قيام جي حمايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان افغانستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي افغان صد?? جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ان اعتماد جو اظهارڪيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي.