اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وڻڪاري کي پاڪستان جي بهتر مستقبل لاءِ اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو ماحولياتي تبديلي پاڪستان لاءِ وڏو خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شڪر پڙيان اسلام آباد ۾ جاپاني طرز تي وڻڪاري جي منصوبي جو افتتاح ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وڻڪاري رڳو هڪ مشغلو نه آهي پر اهو پاڪستان جي ايندڙ نسلن کي بهتر مستقبل ۽ صاف سٿرو ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ اڻٽر قدم آهي. مياواڪي جاپاني طرز وڻڪاري آهي، جنهن تحت روايتي طريقن بدران 10 ڀيرا وڌيڪ تيزي سان ۽ 30 ڀيرا وڌيڪ گهاٽا ٻيلا پوکي سگهجن ٿا، 10 ارب وڻ پوکڻ جي منصوبي تحت اسلام آباد ۾ اهڙي طرح جي 10 جاين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي جاپاني طرز تي وڻڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ 10 وڏن ملڪن ۾ شامل آهي، اسان کي ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته لاهور ۽ پشاور جهڙا ميٽرو پوليٽن شهر ڪڏهن باغيچن جا شهر سڏرائيندا هئا پر آبادين ۽ آلودگي وڌڻ جي ڪري اهي شهر ساوڪ کان محروم ٿي ويا. هن چيو ته هوا ۾ آلودگي جي ڪري ٻار ۽ وڏا وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن ۽ سراسري عمر 11 سالن تائين گهٽ ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اها صورتحال ان لاءِ پيدا ٿي ته لاهور جهڙي شهر ۾ وڻ وڍي شهر کي پٿرن جو جهنگ بڻايو ويو، ان صورتحال کي وڻڪاري ذريعي ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان کي ماحول د??ست زندگي اختيار ڪرڻي پوندي، وڻڪاري ۽ ??اڻ??ن جا ذهن تبديل ڪري اسان پنهنجي معاشري کي بهتر بڻائي سگهون ٿا، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هڪ ارب وڻ پوکڻ جو منصوبو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ۽ هاڻي اسان سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ پوکڻ جو به هدف ح??صل ڪنداسين. وزيراعظم موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم ۽ سندس ٽيم جي ڪم کي ساراهيو ۽ چيو ته اهي ملڪ ۾ وڻڪاري جي منصوبن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ وڏي محنت ڪري رهيا آهن.