اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته سينيٽ جي چيئرمين جي لاءِ مخالفن کان به ووٽ گهرڻ ويندس، جيڪو اليڪشن وڙهندو آهي اهو پُراعمتاد ئي هوندو آهي، مقابلو سخت ??هي پر الله خير ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليا??ين?? هائوس ۾ قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏ ميڊيا س??نٽ?? ??ي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته سينيٽ اليڪشن جي لاءِ يوسف رضا گيلاني وٽ ووٽ گهرڻ وڃي سگهان ٿو ته پوءِ سڀني وٽ وڃي سگهان ٿو. ميڊيا پارليا??ين?? جو حصو آهي ان لاءِ ان جي ضرورت جو خيال رکنداسين، هڪ دفعو ٻيهر سينيٽ چيئرمين ??ي اليڪشن وڙهڻ جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪو اليڪ??ن ۾ لهندو آهي اهو پراعتماد ئي هوندو آهي. هن چيو ته مقابلو ته سخت ??هي، الله خير ڪندو.