اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي منصوبي فراش ٽائون اپارٽمنٽس اسلام آباد جي پي??هه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي. اهو منصوبو ايف ڊبليو او، سي ڊي اي ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سهڪار س??ن ٽن سالن جي مدي ۾ مڪمل ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب منصوبي ۾ جديد سهولتن سان آراسته 3960 فليٽس ٺاهيا ويندا، جيڪي رهواسين ک?? سستي رهائشي فراهم ڪندا. 84 ايڪڙ تي ٻڌل ان منصوبي ۾ وزيراعظم جي ويزن موجب وچولي طبقي ۽ ڪچي آبادين جي رهواسين لاءِ خص??صي طور تي فليٽس مختص ڪيا ويا آهن، منصوبي جي ماحولياتي رخ کي نظر ۾ رکندي گرين بيلٽس ۽ پارڪس جي قيام کي به خص??صي ڌيان ڏنو ويو آهي، وزيراعظم ان موقعي تي ٻوٽو به لڳايو.