اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ناليواري فنڪار ۽ ڪاميڊين عمر شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عمر شريف جي لاڏاڻي سان فن جي دنيا جو هڪ سنهري باب بند ٿي ويو آهي، عمر شريف سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نا??و روشن ڪيو، عمر شريف ملڪ جو قيمتي اثاثو هو، سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڀرجي نه ٿو سگهجي. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته مرحوم جي فني ۽ ثقافتي خد??تن کي سدائين ياد رکيو ويندو، الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي، پونئيرن ۽ مداح?? کي ان ناقابل تلافي نقصا?? کي برداشت جي لاءِ حوصلو ۽ همت ڏي.