اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان نيب چيئرمين جي مقرري جي لاءِ شهباز شريف سان مشاورت نه ڪندو، اسان جو واضح موقف آهي ته اپوزيشن سان ته مشاورت ٿيندي پر شهباز شريف سان نه، جيڪڏهن ??خا??ف ڌر ??و شوق آهي ته ليڊر آف اپوزيشن سان مشاورت ٿئي ته ان کي پنهنجو ??خا??ف ڌر ??ڳواڻ بدلائڻ گهرجي. شهباز شريف نيب جي ملزم آهي، ان سان مشاورت جو مطالبو ايئن آهي جيئن چور کان پڇي وڃي ته ان جو ٿاڻيدار ڪير هوندو.
قانون ??اري وفاقي وزير فروغ نسيم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جو مقصد نيب ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ آهي، نئون تجويز ڪيل قانون ان وقت قانون جي شڪل اختيار ڪندو جڏهن صدر ان تي صحيح ڪندو. هن چيو ته ان آرڊيننس جو ٻيو حصو ايڪٽ به ايندو، اسان آرڊيننس تي ??خا??ف ڌر ??ان مشاورت ڪنداسين، ??خا??ف ڌر کي دعوت ڏئي رهيا آهيون ته جيڪڏهن هو وڌيڪ ترميم يا پنهنجي راءِ ڏيڻ چاهين ٿا ته اسان کي فراهم ڪري، اسان پارليامينٽ ايڪٽ تحت ريفارمز آڻينداسين. هن چيو ته نيب وڏي ڪرپشن جي لاءِ ٺهيو هو، ان جو ڪاروبار ۽ ٻين شين کي شامل ڪرڻ سان نيب جو معيار ڪريو آهي، اسان نيب کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ??ا. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان نيب چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان ??خا??ف ڌر ??ڳواڻ شهباز شريف سان مشاورت نه ڪندو، ان باري ۾ اسان جو موقف وڏو واضح آهي ته ??خا??ف ڌر ??ان ته مشاورت ٿيندي پر شهباز شريف سان مشاورت نٿي ٿي سگهي ڇو ته شهباز شريف نيب جو ملزم آهي ۽ ان سان مشاروت جو مطالبو ايئن آهي جيئن چور کان پڇيو وڃي ته ان جو ٿاڻيدار ڪير هوندو.
هن چيو ته جيڪڏهن ??خا??ف ڌر کي ليڊر آف اپوزيشن سان مشاورت ڪرائڻ جو شوق آهي ته ان کي پنهنجو ??خا??ف ڌر ??ڳواڻ بدلائڻ گهرجي، هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جي خواهش آهي ته اسان چورن کان پڇي ٿاڻيدار لڳايون، هن چيو ته جيڪڏهن ??خا??ف ڌر ۾ ٿوري به حيا هجي ها ته هو پاڻ ئي ??خا??ف ڌر ??ي عهدي تان هٽي وڃي ها، هڪ ماڻهو جيڪو نيب ۾ ملزم آهي ۽ هو پاڻ بضد آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري تي ساڻس مشاورت ڪئي وڃي، غير مناسب آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان نيب مان نجي ۽ بئنڪنگ تڪرارن ۽ ٽيڪس کي ڪڍي ڇڏيو آهي، نيب جو ڌيان هاڻي وڏي ڪرپشن تي هوندو، نيب کي وڏين مڇين تي نظر رکڻي آهي، ان تي ڪيسز بڻجڻ گهرجن، هن چيو ته عدالتن جو تعداد به وڌايو پيو وڃي، ان جو طريقيڪار تبديل ڪري کين مضبوط ڪيو ويندو، پراسيڪيوشن جي مضبوطي لاءِ پراسيڪيوٽر جنرل جي آفيس کي به مضبوط ڪيو يو، هاڻي پراسيڪيوٽر جنرل جيڪو ريفرنس داخل ڪندو اهو ذميدار هوندو ته ان ۾ به سزا هجي، هن چيو ته قانون ??اري وزارت پهريون ڀيرو ايف بي آر کي گرفتاري جو اخيتار ڏنو آهي.