اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب حڪومت کي سموگ تي ض??بط?? آڻڻ لاءِ جامع پاليسي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم وفاقي ۽ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي صوبائي حڪومتن کي آل??دگ?? کي منهن ڏيڻ لاءِ مختصر ۽ وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واري جامع منصوبي تي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهي هدايتون هن مل?? ۾ آبادي بابت مسئلن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيون.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چيو ته آل??دگ?? جيتوڻيڪ خاموش قاتل آهي، تنهن هوندي به ماضي جي حڪومتن ۾ ماحول جو تحفظ ترجيح نه رهيو هاڻي غفلت جي وڌيڪ گنجائش نه آهي، هن چيو ته اسان کي پنهنجي وڏن سهرن کي آل??دگ?? کان بچائڻو آهي ڇو ته آل??دگ?? جي ڪري وڏي سماجي ۽ معاشي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. مل?? جي سمورين ميٽروز جي لاءِ نيون بسون، اليڪٽرڪ گاڏيون هجڻ گهرجن، اسان کي صنعتن کي پنهنجي يونٽ شهرن کان ٻاهر منتقل ڪرڻ ۽ ماحول جي تحفظ ل??ءِ جديد ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪرڻ لاءِ مراعتون ڏيڻ گهرجن. وزيراعظم عمران خان پنجاب حڪومت کي سموگ تي ض??بط?? آڻڻ لاءِ جامع پاليسي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم وفاقي ۽ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي صوبائي حڪومتن کي آل??دگ?? کي منهن ڏيڻ لاءِ مختصر وچولي ۽ ڊگهي مدي واري جامع منصوبي تي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ايئر ڪوالٽي ڪنٽرول سسٽم جي فروغ جڏهن ته موثر پابندين سان وڏن صنعتي يونٽس کي شهرن کان ٻاهر منتقل ڪرڻ، گاڏين کي آهستي آهستي اليڪٽرڪ وهيڪل ۾ منتقل ڪرڻ ۽ معياري ٻارڻ استعمال ڪرڻ تي مراعتون ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته اسان مياواڪي ٻيلن جي طريقي جي ذريعي پنهنجي شهرن جي وڻڪاري ۾ اضافو ڪري سگهون ٿا، وزيراعظم ماحول جي تحفظ ل??ءِ ماڻهن جي رويي ۾ تبديلي لاءِ وسيع سطح تي عوامي آگاهي جي اهيمت کي به اجاگر ڪيو.
ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان کي گاڏين، صنعتي يونٽ، فاضل مواد ۽ فصلن کي ساڙڻ بابت بريفنگ ڏني وئي جيڪي آل??دگ?? جي وڏو سبب آهن. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص مددگار امين اسلم، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ لاڳاپيل سينئرن عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.