اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سال 2022ع جي شروع ٿيڻ تي اسان کي تلخيون گهٽ ڪر?? جي ضرورت آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر اليڪشن، معيشت، سياس?? ۽ ??دالتي سڌارن تي ڳالهه ٻولهه ڪن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي اسان کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪر?? جي ضرورت آهي. پارليامينٽ ۾ فساد عام ماڻهو جي نظر ۾ سياستدانن جو وقار گهٽ ڪري ٿو.