اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته لاهور ۾ رونما ٿيندڙ واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، ڪجهه امن مخالف قوتون هتي ??سپائيلرز جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي رهيون آهن، اهي نٿيون چاهين ته پاڪستان ۾ معاشي استحڪام هجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي گهٻرائڻ جي قطئي ضرورت نه آهي، اسان کي انهن عنصرن جو تدارڪ ڪرڻو آهي، ماضي ۾ به اسان جي قوم ۽ اسان جي هيروز انهن قوتن جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ کين شڪست ڏني آئنده به انشاءُ الله اهڙي طرح کين منهن جي کائڻي پوندي، اسان خطي ۾ امن ۽ امان جا خواهشمند آهيون. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي پاليسي، نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي معاشي ترقي آهي، اسان دهشتگردي جو مقابلو دانشمندي سان ڪنداسين ان حوالي سان اسان جي وچ ۾ قومي اتفاق راءِ موجود آهي، اسان ان تي ??ڳتي وڌنداسين، پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال توهان جي سامهون آهي، اڄ برطانيه ۾ ”جنگي ڏوهن“ جو تذڪرو ٿي رهيو آهي، ڀارت تي نسل ڪش?? جا الزام لڳي رهيا آهن ۽ دنيا ڀارتي ??لمن تي کلي ڳالهه ڪري رهي آهي، هن چيو ته اهي عنصر ڇو چاهيندا ته پاڪستان ۾ امن ٿئي، استحڪام ۽ معاشي ترقي ٿئي، ڪيترن ئي دهشتگگردي جي واقعن جو پتو ٿيڻ کان پهرين لڳايو ويو ۽ جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويو، لاهور جي واقعي جي ذميواري ??نه?? گروپ قبول ڪئي آهي ڏسڻو اهو آهي ته ان جي پويان ڪهڙيون طاقتون آهن. کين تربيت ۽ اسلحو ڪٿان کان ملي رهيو آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ڪلڀوشن جو ڪيس ۽ انڪشاف توهان جي سامهون آهن، اسان سفارتي ??والي سان هر فورم تي ??نهن عنصرن جي خلاف آواز اٿاريو ۽ کين بي نقاب ڪيو ۽ آئنده به ڪندا رهنداسين. دهشتگردي جي خلاف جامع حڪمت عملي موجود آهي ان تي ??سان کي گامزن رهڻو آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته مخالف ڌر اهڙن قومي نوعيت جي معاملن تي ??سان جو ساٿ ڏيندي. ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڏکڻ پنجاب جي صوبي کي عمل?? جامو پارائڻ لاءِ اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ آئيني ترميم لاءِ اسان کي 2/3 اڪثريت گهربل آهي، ان حوالي سان مون شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي خط جي ذريعي دعوي ڏني آهي ته هو ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ گهربل آئيني ترميم ??ي ڏس ۾ اسان جو ساٿ ڏين ته جيئن ڏکڻ پنجاب جي عوام جو پراڻو مطالبو پڄاڻي تي پهچي سگهي. پرڏيهي وزير چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته ڏکڻ پنجاب جي ساڍا 3 ڪروڙ عوام جي مفاد کي نظر ۾ رکندي هو اسان جي دعوت تي ??نجيده رد عمل جو مظاهرو ڪندا ۽ اسان سان تعاون ڪندا.