اسلام آباد – 25 في??روري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ??ان قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران ٻنهي ايوانن ۾ قانونسازي ۽ بين معاملن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته قومي اس??مبلي ۽ سينيٽ سٺيون روايتون قائم ڪيون آهن ۽ هڪ ٻئي ??ان انتظامي سطح تي رابطي کي تمام گهڻي اهميت ڏني وئي آهي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ايوانن جي وچ ۾ قانونسازي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي ??ان تعاون مثالي رهيو آهي. ٻنهي اڳ??اڻن اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ايوانن پاران التوا هيٺ پيل قانونسازي کي فوري طور تي مڪمل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ۽ ٻيا سينيئرز پڻ موجود هئا.