لاڙڪاڻو – 28 فيبروري (اي پي پي) پي ٽي آءِ جي مرڪزي وائيس چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بلاول کي اک هُجي ها ته مُون لاءِ اهڙا جملا نه چوي ها، بلاول اسلام آباد لاءِ نڪتو آهي اسين ح??اب ڏينداسين پر 15 سالن جي حڪومت جو انهن کي به ح??اب ڏيڻو پوندو. لاڙڪاڻي شهر جي رائل روڊ تي حقوق سنڌ مارچ ريلي واري جلسي کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته آءُ اڄ پي ٽي آءِ جي ڪاروان کي کڻي 26 فيبروري تي سنڌ ڌرتي تي آيس. سنڌ سان منهنجو سياسي رشتو ڪالهه جو آهي پر سنڌ سان منهنجو رشتو 800 سالن جو آهي ۽ آءُ خبر سان چوان ٿو ته سنڌ جي ثقافت، ڌرتي، ٽوپي، اجرڪ ۽ اوليائن کي سڃاڻان ٿو. آئون اڄ لاڙڪاڻي وڏي عرصي کان پوءِ آيو آهيان ياد آهي ته هر سال 4 اپريل ڀٽو ??ي ورسي جڏهن پنجاب پي پي پي جو صدر هيس ته ايندو هيس مون ڇو پنهنجا رستا الڳ ڪيا. محترمه مون کي پي پي پي ۾ اچڻ، عزت، صدارت ڏني پر محترمہ شهيد ٿي ته ملتان ۾ 25 ڊسمبر هي شام آئي ۽ چيو ته ت??ها?? راولپنڊي جلسي جي تياري ڪريو مون کي خبر نه هئي ته اها ان سان آخري ملاقات ڪئي ۽ آخري ڳالهه ٻولهه هئي. مون پ پ پ جو ساٿ ڏنو ۽ حڪومت دوران محسوس ڪيو ته پي پي پي پنهنجو قبلو تبديل ڪري ڇڏ??و آهي ۽ هاڻ اها زر ۽ زرداري جي پارٽي بڻجي وئي آهي. مون ڏُکئي وقت ۾ نه ڇڏ??و آصف زرداري اقتدار ۾ ملڪ جو صدر هو ۽ اقتدار هو پر مون پنهجي ضمير جي آواز ٻڌي ريمنڊ ڊيوس جي معاملي تي پرڏيهي وزارت ڇڏ?? الوداع ڪري قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفا ڏني، آصف علي زرداري جو پي??ام مليو ته جيڪو پ پ ڇڏ??ندو آهي اهو زيرو ٿيندو آهي پر آئون ان وقت به ايم اين اي ۽ پرڏيهي وزير هيس اڄ به آهيان مون کي ڪنهن جي سهاري جي ضرورت ناهي. هن چيو ته سردار ممتاز خان ڀٽو وٽ ويس ته ڀٽو ??اندان سان منهنجو ڪهڙو تعلق آهي ۽ جڏهن سردار ممتاز ڀٽو ??ي تعزيت تي آيس ۽ امير بخش ڀٽو کي چيو ته وڏا ويندا آهن ته ننڍا وڏا ٿيندا آهن ۽ هي بار جي سگهه الله سائين ا??ها?? کي عطا ڪري. منهنجو ڀٽو ??اندان سان ڪهڙو تعلق هو ۽ ڀٽو ??اندان جو بهاءالدين ذڪريا سان ڪهڙو رشتو هو. اڄ محترمه زندهه هجي ها ته هو ٻڌائي ها ڀٽو ۽ منهنجي خاندان جو ڪهڙو تعلق آهي. هن چيو ته ڀٽو ??اندان سان منهنجي خاندان جو رشتو شهيد ڀٽو ملتان ۾ منهنجي مامي جي گهر ايندو هو ۽ ڪاش محترمه زندهه هجي ها ان سان زندگيءَ جا ڪيترائي سال گذاريا. منهنجي دستاربندي ٿي رهي هئي ته محترمه بينظير ڀٽو ملتان آئي ۽ مون کيس چيو ته دستاربندي جي تقريب ۾ عورتون نه پر مرد ايندا آهن ان وقت گادي نشين، پي?? ۽ عالم هئا ۽ اسٽيڊيم ۾ تقريب هئي مون چيو ته ا??ها?? عورتن سان ويهو پر محترمه چيو ته مون کي خبر آهي جيڪڏهن منهنجي خاندان مان ڪو مرد هجي ها ته اڄ هتي اچي ها پر دستاربندي جي وقت محترمه پنڊال ۾ ويٺي هئي زرداري کي ڪيئن سمجهايان ته ان وٽ اها اک ناهي جيڪڏهن بلاول ڀٽو هجي ها ته اهي جملا منهنجي لاءِ نه چوي ها پر ڀٽو ??اندان منهنجي خاندان کي سڃاڻيندا هئا پر زرداري نه. هن چيو ته اڄ لاڙڪاڻي تمام وڏو فيصلو ڪيو هي شهر جتان معظم علي عباسي کي پيپلز پارٽي جي اقتدار ۾ هتان جي ماڻهن ايم پي اي چونڊرايو ان وقت پوليس، انتظاميه ۽ مشينري پي پي پي وٽ هئي ڇاڪاڻ ماڻهن سمجهيو ته ھي زرداري جو شهر ناهي اڄ ت??ها?? کان سوال ڪري رهيو آهيان ته ڇا هي قبضو ختم ڪرڻ جي ا??ها?? ۾ همٿ آهي ته زر ۽ زرداري جي سياست کان لاڙڪاڻو آزاد ٿيندو. هن چيو ته ماڻهو چوندا هئا ته تبديلي اچي نه پئي تبديلي اچي وئي آهي جنهن کي ضياء الحق، مشرف ۽ ٻيا جهڪائي نه سگهيا پر زرداري ان کي تباهه ڪري ڇڏ??و اڄ بلاول اسلام آباد لاءِ نڪتو آهي اسين ح??اب ڏينداسين پر 15 سالن ۾ ت??ها?? جي حڪومت آهي ڇا ت??ها?? به ڏيندو ڇا سنڌ ۾ انصاف آهي جيڪڏهن آهي ته آئون ح??اب ڏيندس اڄوڪي ڏينهن تي هتان جي ماڻهن جيڪا عزت ڏني نوجوانن کي چوندس ته سنڌ جي حالتن کي تبديل ڪرڻو آهي ته هاڻي کان پنهنجي سوچ تبديل ڪري پي ٽي آءِ جي منشور ۽ فلسفي کي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ کڻي وزيراعظم جو پي??ام پهچايو. هن چيو ته وزيراعظم کي ملڪ ۾ مهانگائي جو احساس آهي جنهن 10 روپيا ڊيزل گهٽ ڪري ڇڏ?? ۽ في يونٽ 5 روپيا بجلي گهٽ ڪري ڇڏ?? اڄ ڀلاري رات تي هي خوشخبري لاڙڪاڻي ۾ ملي.