لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي مهانگائي جي ڪري عوام کي درپيش پريشانين جو پوري طرح احساس آهي، عالمي منڊين ۾ شين جي وڌندڙ قيمتن جي ڪري درآمدي مهانگائي جي منفي اثرن کان انهن کي بچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 10 رپيا ۽ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 5 رپين جي گهٽتائي عوام دوست قدم آهن. هڪ ڏينهن جي لاهور جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان سان راولپنڊي، بهاولپور، ملتان ۽ ساهيوال ڊويزنن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جدا جدا ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم پارليامينٽ ميمبرن کي ??دا??ت ڪئي ته اهي عوام سان پنهنجو رابطو مضبوط ڪن ته جيئن انهن کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جاري مختلف سرڪاري اسڪيمن بابت وڌ کان وڌ آگاهي ڏئي سگهجي، انهن اسڪيمن ۾ نئون پاڪستان قومي صحت ڪا??ڊ تحت يونيورسل هيلٿ ڪوريج، احساس ڪا??ڊ تحت راشن رعايت پروگرام ۽ ٻين غريب دوست قدمن، آبادگار ڪا??ڊ تحت فصلن جي لاءِ قرض ۽ سستي اگهن تي معياري ٻج، ڀاڻ ۽ جيت مار دو??ئن جي فراهمي، ڪامياب پاڪستان پروگرامن تحت هوم فنانسنگ، سستي ڪا??وباري قرضن ۽ نوجوانن جي لاءِ پيشيواراڻي مهارتن ۾ تربيت شامل آهي. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته حڪومت کي مهانگائي جي ڪري درپيش عوام کي پريشانين جو پوري طرح احساس آهي ۽ عالمي منڊين ۾ شين جي وڌندڙ قيمتن جي ڪري درآمدي مهانگائي جي منفي اثرن کان انهن کي بچائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، انهن عوام دوست قدمن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 10 رپين جي گهٽتائي ۽ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 5 رپين جي گهٽتائي شامل آهي. ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي ڪمپنيز ۽ فري لانسرز جي لاءِ 100 سيڪڙو ڇوٽ ۽ 100 سيڪڙ?? پرڏيهي ڪرنسي رکڻ جي ڇوٽ ۽ آءِ ٽي اسٽارٽ اپس ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڪيپيٽل گين ٽيڪس کان 100 سيڪڙو ڇوٽ شامل آهي. ان کانسواءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت ايندڙ 2 سالن ۾ ڪا??وباري قرضن تي 407 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي. احساس پروگرام تحت ماهوار وظيفو 12000 رپين مان وڌائي 14000 رپيا ڪيو ويو آهي. گريجوئيٽ انٽرن شپ وظيفو 30000 رپيا ماهوار سان 2.6 ملين اسڪالرشپس جي لاءِ 38 ارب رپيا رکيا آهن. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته حڪومت ٽارگيٽيڊ سبسڊيز ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪار دوست ماحول پيدا ڪري مهانگائي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم انهن کي صوبي ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هيٺئين سطح تي ڪا??ڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي پڻ ??دا??ت ڪئي.