اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ٽيليفون ڪئي، پشاور ۾ مسجد تي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب يورپي ڪائونسل جي صدر سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان يوڪرين جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي جاري فوجي تڪرار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته وڌيڪ ڇڪتاڻ خطي ۽ دنيا تي انتهائي منفي اثر ڇڏيندي. وزيراعظم چي?? ته هو اسرندڙ ملڪن تي تڪرارن جي منفي، معاشي اثرن کي مسلسل اجاگر ڪندو رهيو آهي. هن چي?? ته پاڪستان جو اهو اصولي موقف آهي ته هو رڳو امن جو حصيدار هوندو. وزيراعظم جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ يوڪرين ۾ شهرين جي لاءِ انساني امداد جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان جا روس ۽ يوڪرين سان دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ان جو ٻنهي ڌرين سان ويجهو رابطو رهيو آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته تڪرار کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪي?? ته پاڪستان جهڙا ملڪ انهن ڪوششن ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ اه?? ته ٻئي ڌريون گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي لاء?? ويجهو رابطو برقرار رکنديون. پاڪستان جي يورپي يونين سان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چي?? ته هو يورپي يونين جي قيادت سان ملاقات لاءِ پنهنجي برسلز جي دوري جو منتظر آهي. هن صدر چارلس مشيل کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.