اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پشاور موڙ کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ ميٽرو بس منصوبي جو دورو ڪيو ۽ منصوبي ۾ دير جي جاچ جو حڪم ۽ ماڻهن کي ??فر جي بهترين ۽ معياري سهولتن جي فراهمي لاءِ بهاره ڪهو ۽ روات جي روٽس تي پڻ ميٽرو بسون هلائڻ جي لاءِ فوري فزيبلٽي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم صبح 7 وڳي ميٽرو بس سروس تي جاري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور موٽر ميٽرو بس جي سائيٽ تي پهتو. مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ احسن اقبال، انجم عقيل خان، حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ مريم اورنگزيب پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم کي ??ي ڊي اي ۽ اين ايڇ اي جي عملدارن منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڇنڇر کان 15 بسون ان روٽ تي هلڻ شروع ٿي وينديون، 5 مئي تائين 30 بسون وڌيڪ پهچي وينديون، اهو منصوبو 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر دير جو شڪار رهيو. وزيراعظم منصوبي ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته 16 ارب رپيا خرچ ٿيا آهن پر ايترو ڊگهو عرصو اهو منصوبو التوا جو شڪار رهيو آهي جيڪا ??نتهائي افسوس جوڳي ڳالهه آهي، منصوبي ۾ دير جو ڪو جواز نه ٿو بڻجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته دير جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ان مقصد جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي، آئون ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته ڇو فيصلا وقت تي نه ٿيا ۽ ان ۾ دير جو سبب ڪهڙو آهي، هي قوم جو پئسو آهي جنهن جو ماڻهن کي فائدو نه پهتو، فنڊز عوامي ڀلائي جي اهڙن منصوبن تي خرچ ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته هن منصوبي سان ماڻهن کي ??يئرپورٽ تائين اچ وڃ ۾ تمام گهڻي آساني ٿيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته موٽروي تي پڻ هڪ ميٽرو اسٽيشن ٺاهي وڃي، موٽروي تي جيڪڏهن ميٽرو اسٽيشن نه هوندي ته ان سان سڄي منصوبو جو ماڻهن کي فائدو نه پهچندو، ان لاءِ ڪا ??ٽل سروس ئي ڇو نه هلائڻي پوي موٽروي تي ميٽرو اسٽيشن هنگامي بنيادن تي ٺاهي وڃي. وزيراعظم چيو ته اليڪٽرانڪ ٽڪيٽنگ جو عمل جيستائين مڪمل نه ٿو ٿئي ٽڪيٽون مينوئل طريقي سان جاري ڪيون وڃن ۽ رمضان المبارڪ ۾ مفت ميٽرو بسون هلايون وڃن ته جيئن هن مقدس مهيني ۾ شهرين کي ??هولت ملي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايئرپورٽ ويندڙ مسافرن جي سامان لاءِ بسن ۾ س??مان رکڻ جي سهولت ڏني وڃي، عوامي مفاد جا منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي معياري ۽ بهترين سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ بهاره ڪهو ۽ روات جي روٽس تي ميٽرو بسون هلائڻ جي لاءِ فوري فزيبلٽي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ميٽرو بس ۾ سفر پڻ ڪيو ۽ جاري ڪم جو معائنو ڪيو.